آمريڪا ۾ ڪورونا ڪيسز جو سونامي: هر گذرندڙ ڏينهن سان نئون رڪارڊ ٺهڻ لڳو

news-details

واشنگٽن: (جمعو 31 ڊسمبر 2021ع) آمريڪا سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪورونا ڪيسز جو سونامي هر گذرندڙ ڏينهن سان نئون رڪارڊ قائم ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪا ۾ اڄ به 5 لک 65 هزار کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا ۽ 1350 کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون.
ٻئي طرف فرانس ۾ 2 لک، برطانيه ۾ هڪ لک 89 هزار، اٽلي ۾ هڪ لک 26 هزار، اسپين ۾ هڪ لک 61 هزار ڪيس سامهون آيا جڏهن ته روس ۾ نومبر دوران 71 هزار ماڻهو ڪورونا سبب حياتيون وڃائي ويٺا.
ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسز کي نظر ۾ رکندي آمريڪا ۾ ويڪسين ٿيل ماڻهن کي به سفر کان روڪيو ويو آهي. ان حوالي سان هڪ بيان ۾ آمريڪي سينيٽر فارڊيزيز جو چوڻ آهي ته ويڪسين ٿيل ماڻهو به ڪورونا ۾ مبتلا ۽ وبا پکڙجڻ جو سبب بنجي رهيا آهن.
ڪورونا جي نئين وار سان عوام کي محفوظ رکڻ جي لاءِ جتي اسپين نئين سال جون تقريون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن اتي پيرس ۾ اڄ کان گهر کان ٻاهر نڪرڻ تي ماسڪ جو استعمال لازمي قرار ڏيندي نائٽ ڪلبز جنوري تائين بند ڪيا ويا آهن.
نوان ڪيسز سامهون اچڻ تي ڪينڊا جي صوبي ڪيوبڪ ۾ اڄ رات 10 وڳي کان صبح 5 وڳي تائين ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسرائيل ۾ به ڪرونا کان بچاءُ جي ويڪسين چوٿين ڊوز جي منظوري ڏني وئي آهي.