news-details

جيڪب آباد ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان قتل، ناري مرڻينگ، جوابدار گرفتار

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد موچي بستي ۾ جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ بلوچستان جي روجهاڻ جمالي واسي 23 ورهين جي نوجوان ياسين لُنڊ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته نوجوان ناري گلناز لاشاري گوليون لڳڻ سبب مرڻينگ ٿي پئي.
جڏهن ته اهڙي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش ۽ زخمي ناري کي سول اسپتال کڻائي پهچايو، ناري جي حالت خراب هئڻ تي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو.
جڏهن ته نوجوان جي وارثن کي اطلاع ڏنو ويو، جيڪي چار ڪلاڪن کان پوءِ اسپتال پهتا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. وارث نوجوان جو مڙهه کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا.
مقتول نوجوان جي سؤٽ فدا حسين لنڊ ٻڌايو ته نوجوان کي ڪوڙو الزام ڏئي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.
ان سلسلي ۾ صدر پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار علي بهار لاشاري پسٽل جون گوليون هڻي نوجوان ياسين لُنڊ کي قتل ڪيو ۽ پنهنجي ڀائيٽي جي نوجوان زال کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، الزام هيٺ آيل جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ھوڏانھن ٻي پاسي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.
ياد رهي ته جيڪب آباد ۾ سال جي آخري ڏينهن 31 ڊسمبر تي ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان کي موت جي منهن سمهاريو ويو ۽ ناري مرڻينگ ٿي، 2021ع ۾ ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي حد ۾ ڪارنهن تھمت ھيٺ 9 عورتون ۽ 7 مردن کي قتل ڪيو ويو آهي، مجموعي طور تي ضلعي ۾ ڪارنهن تھمت ھيٺ 16 انساني جانيون ضايع ٿي چڪا آهن. جنهن ۾ چار ٻٽو قتل به شامل آهن، ڳڙهي خيرو تعلقو 8 قتل سان پهرين جيڪب آباد تعلقو 5 قتل سان ٻيون ۽ ٺل تعلقو 3 قتلن سان ٽئين نمبر تي رهيو آهي.