news-details

سنڌ ۾ يوريا ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ، ننڍن آبادگارن جو احتجاج

جيڪب آباد (عبدالنبي مگسي) سنڌ ۾ يوريا ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، جيڪب آباد رستي يوريا ڀاڻ بلوچستان جي علائقي ڪوئيٽا، چمن مستونگ سوڌو افغانستان اسمگلنگ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، باءِ پاس تي مقرر زراعت کاتي جا عملدار رشوت عيوض ڀاڻ کي اسمگلنگ کي روڪڻ بدران رشوت مقرر ڪري ڇڏي آهي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته رشوت جي معاملي تي ڳالهيون ڪامياب نه ٿيڻ کانپوءِ زراعت کاتي جي عملدارن ھڪ ٽرالر کي روڪي 12 سئو ٻوريون پڪڙي ورتيون جيڪي سرڪاري اگهه تي آبادگارن کي ڏيڻ بدران بااثرن جي حوالي ڪيون ويوي.
ان سلسلي ۾ ننڍن آبادگارن محمد يوسف بروھي، غلام صابر ميران، بخش ۽ ٻين صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته زراعت کاتي ۽ روينيو کاتي جا عملدار پڪڙيل يوريا ڀاڻ جا ٽرالر شھر ۾ سرڪاري رقم تي ورھائڻ بدران بااثرن کي ڏيئي رهيا آھن، اسان ننڍن آبادگارن کي مارڪيٽ ۾ 2800 کان مٿي بليڪ تي يوريا ڀاڻ ڏنو پيو وڃي ڪير به بليڪ تي وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. ھنن چيو ته جيڪب آباد جي رستي ڀاڻ بلوچستان ۽ افغانستان اسمگلنگ ٿي رهيو آهي. سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته زراعت ۽ روينيو کاتي جي ملوث عملدارن سميت يوريا ڀاڻ بليڪ تيوڪرو وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي سرڪاري اگھ تي يوريا ڀاڻ ڏنو وڃي.