news-details

جيڪب آباد ۾ پسٽل صاف ڪندي اتفاقي گولي لڳڻ سبب نوجوان زخمي

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد ڳڙهي سٻايو ۾ پسٽل صاف ڪندي اتفاقي طور گولي ھلي وڃڻ سبب 22 ورهين جو نوجوان عامر علي گراڻي زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارث سول اسپتال کڻائي آيا جتي طبي امداد ڏني وئي.
جڏهن ته زخمي نوجوان جو چوڻ هو ته پسٽل صاف ڪرڻ دوران گولي پير ۾ لڳي آهي.
ھوڏانھن ان واقعي بابت صدر پوليس بي خبر بڻيل آهي، صدر پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي اطلاع ناهي ملي ته نوجوان کي گولي لڳي آهي.