شھدادپور ۾ آبادگارن ۽ هارين پاران ڀاڻ کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو

news-details

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شھدادپور ۾ آبادگارن ۽ هارين طرفان ڀاڻ کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.
مظاھرين اڳواڻن جھانگير جوڻيجو، يار محمد لغاري، نياز بوداڻي، افضل سنجراڻي ۽ ٻين چيو ته ڀاڻ جي هٿيرادو کوٽ جا ذميوار سنڌ ۽ وفاقي سرڪار آهن، وزير اعليٰ سنڌ ٻين معاملن تي ڳالهائي ٿو پر ڀاڻ کوٽ تي وزير اعليٰ ۽ زراعت کاتي جو وزير ڇو خاموش آهن، 1768 واري ڀاڻ جي ٻوري 35 سئو ۾ ملي رهي آهي، آبادگارن سان ظلم ڪيو پيو وڃي.
صوبائي ۽ وفاقي حڪومت گڏجي ڀاڻ ٻاهرين ملڪ موڪلي رهيا آهن، جتان کين وڌيڪ نفعو ملي رهيو آهي پر سنڌ جي زرعت کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي. ڀاڻ جا منافعي خور ڊيلر ڀاڻ جا ٽرالرز گودامن ۾ لڪائي کوٽ ڄاڻائي 35 سئو کان چار هزار تائين وڪرو ڪري هارين ۽ زئيندارن کي ٻنهي هٿن سان ڦري ۽ لُٽي رهيا آهن.