news-details

جيڪب آباد جي عدالت منشيات جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي جنم ٽيپ ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ظهور احمد ھڪڙو جي عدالت 20 ڪلو منشيات رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڪوئيٽا واسي جوابدار اختر جان پٺاڻ ۽ تنگواڻي واسي محمد امين نندواڻي کي عمر قيد ھڪ ھڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ڏنڊ جي رقم نه ڀرڻ تي جوابدار وڌيڪ سزا ڀوڳيندا. سزا اچڻ بعد جوابدارن کي ڊسٽرڪٽ جيل لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته صدر پوليس 20 سيپٽمبر 2020 تي عمراڻي لاڙو وٽ ڪار کي روڪي تلاشي دوران 20 ڪلو چرس هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو، گرفتار ٿيل جوابدارن خلاف سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.