جيڪب آباد ويجهو ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو، عورت سوڌو پنج ڄڻا زخمي

news-details

جيڪب آباد (رپور: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ رحيم بخش جتوئي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران ڌرين هڪٻئي مٿان لٺين ۽ ڪهاڙين جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ پيرسن عورت وزيران، منظور علي، احسان علي، شاهد علي سوڌو پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا.
جڏهن ته اهڙي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي طبي امداد ڏني وئي.
ان سلسلي ۾ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي معاملي تي جهيڙو ٿيو آهي، جنهن ۾ پنج ڄڻا زخمي ٿيا آهن، جهيڙي جي الزام هيٺ 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.