news-details

ملڪ ۾ اڄ سون سستو ٿي ويو

ڪراچي: ملڪ ۾ اڄ سون جي في تولي قيمت ۾ 100 رپين جي گهٽتائي ٿي وئي آهي.
سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب هڪ سئو رپيا لاٿ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 26 هزار 150 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي طرح 10 گرام سون 86 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 8 هزار 153 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 19 ڊالر گهٽجي هڪ هزار 801 ڊالر في اونس آهي.