شھدادپور ڀرسان گهرو پريشانين سبب پيرسن آپگهات ڪري ڇڏيو

news-details

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شھدادپور ريلوي اسٽيشن ڀرسان اين ايف سي گودام وٽ شاليمار ايڪسپريس ٽرين جي هيٺان اچي 60 ورهين جو پيرسن چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.
جڏهن ته فوتي پيرسن جي سڃاڻپ اقصيٰ ڪالوني واسي عبدالجبار راجپوت طور ٿي آهي.
وارثن جو چوڻ ھو ته گهرو پريشانين سبب پيرسن پريشان رهندو هو، معذوري کان تنگ اچي ٽرين آڏو ڏئي آپگهات ڪيو آهي.