news-details

جيڪب آباد ۾ جمعيت علماءِ اسلام پاران مسجدن ۽ مدرسن جي تحفظ لاءِ احتجاجي مظاهرو

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جمعيت علماءِ اسلام پاران مسجدن ۽ مدرسن جي تحفظ لاءِ ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، سيد عبدالباسط شاهه، مولانا فدا احمد ڊول، جي ٽي آءِ جي صوبائي اڳواڻ محڪم الدين بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.
مظاهرين شهر جي مختلف رستن تان مارچ ڪندا شهر جي اهم ڊي سي چوڪ ۽ بعد ۾ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.
ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته مسجدن ۽ مدرسن کي شهيد ڪرڻ هڪ عالمي سازش آهي، جنهن کي ڪڏهن به برداشت نه ڪنداسين، لال مسجد تي بمباري ڪئي وئي پر اها هن مهل به موجود آهي، ھنن وڌيڪ چيو ته مسجدن ۽ مدرسن جي تحفظ لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.