نواز حڪومت ئي ملڪي ترقي خوشحالي جي ضمانت آهي: رئيس انور علي خان مري

news-details

شهدادپور: پ پ ۽ پي ٽي آئي هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن، جن ملڪ کي تباهي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ رئيس انور علي خان مري شهدادپور پريس ڪلب جي نئي باڊي صدر عبداللہ دائود پوٽو ۽ ٻين کي مبارڪون ڏيڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته نيازي حڪومت عوام کي روزگار گهر ڏيڻ جون ڪوڙيون دعوائون بجاءِ کائين گهر روزگار کسڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
هن چيو ته تبديلي پسند سرڪار عوام کي مهانگائي جي چڪي ۾ وجهي کين خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته پ پ ڪرپشن پارٽي سنڌ کي تباهي ڪناري پهچائي سمورن ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
رئيس انور علي مري وڌيڪ چيو ته ايندڙ وقت مسلم ليگ نواز جو آهي. نواز حڪومت ئي ملڪي ترقي خوشحالي جي ضمانت آهي.
ان موقعي تي انور علي خان مري ورڪنگ ڪاميٽي چيئرمين مهدي حسن پنهور، سنئير نائب صدر نور سنڌي، جنرل سيڪريٽري شاد منگي، اسد ڏاهري، اسلم آزاد خاصخيلي ۽ ٻين کي گلن جا تحفظ پيش ڪيا.