news-details

جيڪب آباد: سنڌ پوليس جي اهلڪارن کي اپگريڊ نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ مھراڻ سوشل فورم جي سڏ تي سنڌ پوليس جي اهلڪارن کي ٻين صوبن جي اهلڪارن جيان اپگريڊيشن ڪري پگهارن ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ ھڪ احتجاجي جلوس عبدالحئي سومرو، گلاب جان مينگل، حماد الله انصاري جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو. مظاھرين شھر جي مختلف رستن تي مارچ ڪئي، ڊي سي چوڪ تي پهچي ڌرڻو هنيو ويو.
ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي اهلڪارن کي اپگريڊ ڪيو ويو آهي پر سنڌ پوليس جي اهلڪارن کي اپگريڊ ناهي ڪيو ويو، سنڌ پوليس جا اهلڪار ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن ۾ پنھنجي جانين جو نذرانو ڏين ٿا شھرين جي تحفظ لاءِ ھڪ قدم اڳتي آھن پر ان باوجود به انهن جي اپگريڊيشن ناهي ڪئي وئي.
ھنن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته سنڌ پوليس جي اهلڪارن کي اپگريڊ ڪري پگهارن ۾ واڌ ڪري سنڌ پوليس جي اهلڪارن ۾ ڦهليل مايوسي ختم ڪئي وڃي.