بدين پوليس جون ڪارروائيون، ڏهه جوابدر گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

news-details

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) ايس ايس پي شاهنواز چاچڙ جي سخت هدايتن بعد منشيات فروشن خلاف ڪاروائين جو سلسلو جاري آهي.
ايس ايڇ او بدين محمد انور لغاري گشت دوران ڪارروائيون ڪري سفينه ڊيلر پرويز شيخ ۽ پلو انصاري کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 8800 سفينه پڙيون ھٿ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته وڌيڪ ڪارروائي ۾ ھڪٻئي گٽڪا وڪرو ڪندڙ جوابدار رياض حسين کي 400 گٽڪن سميت گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدارن خلاف ماڊل ٿاڻي بدين تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن ايس ايڇ او ٽنڊو باگو گشت دوران ڪارروائي ڪري چرس وڪرو ڪندڙ جوابدار خميسو عمراڻي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 1190 گرام چرس ھٿ ڪري ورتو، ٽنڊو باگو پوليس وڌيڪ ڪارروائي ڪندي گٽڪا وڪرو ڪندڙ جوابدار ويرو ريٻاري کي 580 گٽڪن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف ايس ايڇ او ڪڍڻ ڪارروائي ڪندي چرس وڪرو ڪندڙ جوابدار فدا لوھار کي گرفتار ڪري ورتو آھي، پوليس ڪارروائي دورن ھڪ جوابدار ھاشم لوھار فرار ٿي ويو، اهي جوابدارن جي قبضي مان 400 گرام چرس ھٿ ڪري سندن خلاف نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ايس ايڇ او ڏيئي ڪارروائي ڪري ٻن گٽڪا وڪرو ڪندڙ جوابدارن علي بھادر آرائين ۽ مشتاق علي کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 1376 گٽڪا ھٿ ڪري جوابدارن خلاف جدا جدا ڪيس داخل ڪري ورتا آهن.
ٻئي پاسي ايس ايڇ او نندو سب جي ڪارروائي ۾ گٽڪا وڪرو ڪندڙ جوابدار عبدالله شاهه کي 300 گٽڪن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.