جيڪب آباد: جعفر آباد جي اڳوڻي ڊسٽرڪٽ اٽارني جنرل ثناءُالله کوسو جي ڀاءُ جو گولي لڳل لاش هٿ

news-details

جيڪب آباد: (اڱارو 11 جنوري 2022ع) جيڪب آباد جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ڊکڻ محلا ۾ بلوچستان جي ضلعي جعفرآباد جي اڳوڻي اٽارني جنرل ثناءُ الله کوسو جي ڀاءُ سيف الله کوسو جو مبينا گولي لڳل لاش هٿ آيو آهي.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
ان سلسلي ۾ مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ڊکڻ محله ۾ اوطاق اندر سيف الله کوسو جو گولي لڳل لاش مليو آهي. کيس ڪنهن قتل ڪيو آهي ان معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.