ٽنڊوڄام ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب ست ڄڻا فوت، پوليس ۽ فوتين جا وارث معاملي کي لڪائڻ لڳا

news-details

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) ٽنڊوڄام ۾ مبينا ڪچو شراب واپرائڻ سبب ست ڄڻا فوت، پوليس ۽ وارث معاملي کي لڪائڻ لڳا. رپورٽ موجب ٽنڊوڄام ۾ مبينا ڪچو شراب واپرائڻ تان ست ڄڻا فوت ٿي ويا آھن.
گذريل رات دير سان ٽنڊوڄام جي علائقي رشيد ڪالوني واسي عامر راجپوت، حامد قائمخاني، عارف راجپوت، مظفر آباد واسي عرفان عرف يورو، ڪمال ولد مولچند ڪولھي جي ڪچي شراب واپرائڻ سبب فوت ٿيڻ جا اطلاع مليا آھن.
جڏھن ته سي وي ڊي ايل ڪالوني جو رھواسي ڪيول ۽ کيسانہ موري واسي جمن سولنگي پڻ مبينا ڪچي شراب واپرائڻ سبب فوت ٿيا آھن. ٻئي پاسي فوتين جا وارث معاملي کي لڪائيندي ھڪ ئي ڏينھن ايترين فوتگين کي طبي موت قرار ڏئي رھيا آھن. ايس ايڇ او ٽنڊوڄام جو چوڻ آھي تہ ڪچي شراب ۾ ٽن ڄڻن جا فوت ٿيڻ جا اطلاع مليا ھئا، پر جاچ ڪرڻ بعد معلوم ٿيو آھي تہ سموريون فوتگيون طبي آھن.
ٻئي پاسي سماجي اڳواڻن جو چوڻ آھي تہ ھڪ ئي وقت ست ڄڻن جو فوت ٿيڻ معمولي ڳالھ ناھي، ايڏي وڏي واقعي تي انتظاميه جي خاموشي سمجھ کان ٻاھر آھي، ھنن گھر ڪئي تہ معاملي جو نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي شراب جي وڪرو ۾ ملوث جوابدارن ۽ انتظاميه خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.