news-details

جيڪب آباد پوليس جون ڪاروائيون، ٻه جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي صدر پوليس باءِ پاس تي پوليس پيڪٽ 9 وٽ بلوچستان کان ايندڙ مزده کي روڪي ڳجهي خانن مان 200 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس ٻن جوابدارن غلام حسين عمراڻي پندراڻي ۽ محمد جان پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
جڏهن ته گرفتار جوابدار خلاف سرڪار جي فرياد تي منشيات ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪري مزده پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
ھوڏانھن صدر پوليس ڳوٺ غوث بخش جتوئي ڀرسان سان ڪارروائي ۾ ھڪ جوابدار عباس علي جمالي کان 25 ڪلو چرس هٿ ڪري گرفتار ڪري ورتو آهي.