جيڪب آباد ۾ بلوچستان جي ڊسٽرڪٽ اٽارني جي ڀاءُ جو مبينا گولي لڳل لاش اوطاق مان هٿ، واقعو ڳجهارت بڻيل

news-details

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ڊکڻ محله ۾ بلوچستان جي ضلعي جعفرآباد جي اڳوڻي ڊسٽرڪٽ اٽارني ثناءُ الله کوسو جي ڀاءُ سيف الله کوسو جو گولي لڳل لاش اوطاق مان هٿ ڪيو ويو، وارثن حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. وارث فوتي جو مڙهه کڻائي گهر پهتا ته گهر ۾ قهرام مچي ويو.
اڳوڻي ڊسٽرڪٽ اٽارني جي ڀاءُ جو گولي لڳل لاش هٿ اچڻ جي خبر باهه جيان پکڙجي وئي وڏي انگ ۾ کوسا برادري جا ماڻهو ڊکڻ محلا واري جڳهه تي گڏ ٿي ويا جتان وارث لاش آخري رسمون ادا ڪرڻ لاءِ بلوچستان جي علائقي چتن پٽي کڻائي ويا جتي جنازي نماز بعد تدفين ڪئي وئي.
ان سلسلي ۾ مبينا گولي لڳڻ سبب فوت ٿيل سيف الله کوسو جي وارثن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي ڪنهن قتل ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.
ان سلسلي ۾ ايئرپورٽ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڊسٽرڪٽ اٽارني جي ڀاءُ کي لوندڙي ۾ ھڪ گولي لڳل آهي، جنهن سبب موت ٿيو گولي جو ھڪ خول مليو آهي، اڄڪلهه ايئن به قتل ڪيو وڃي ٿو، جيئن آپگهات جو شڪ ٿئي پر اسان سڀني رخن کان جاچ ڪريون پيا. وارث مڙھه دفنائڻ لاءِ بلوچستان کڻي ويا آهن. آخري رسمون ادا ڪرڻ بعد انهن کان واقعي بابت ڄاڻ وٺنداسون.