فنڪشنل ليگ پاران خيرپور ۽ ڄامشوري ۾ نئين بلدياتي نظام واري بل خلاف احتجاجي مظاهرو

news-details

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) سنڌ حڪومت پاران اسيمبلي ۾ پاس ڪرايل بلدياتي قانون خلاف اڄ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل پاران خيرپور ۽ ڄامشورو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، خيرپور ۾ محرم شاهه لڪياري، عقيل حيدر شاهه، ڊاڪٽر پيارو خان ڦلپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
احتجاج ۾ جميعت علماءَ اسلام ۽ متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي طرفان پاس ڪرايل عوام دشمن بلدياتي نظام واري بل خلاف پوري سنڌ جو عوام سراپا احتجاج آهي.
هوڏانهن ڄامشورو ۾ به سنڌ ۾ نئين جوڙيل بلدياتي نظام ۽ نين حد بندين ۾ من پسند علائقا شامل ڪرڻ خلاف پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ضلعي ڄامشورو طرفان ضلعي صدر سيد صالح محمد شاهه، جنرل سيڪريٽري حق نواز برهماڻي، ميان خان بليدي، مرتضيٰ نائچ ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي ريلي غريب آباد کان ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تائين پهتي.
ان موقعي تي پي ٽي آئي ڪارڪن فهد چارڻ، شاهد رائو ۽ ٻيا پڻ شريڪ ٿيا.
ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي گهر ڪئي ته پاس ڪيل ڪاري قانون کي رد ڪيو وڃي ۽ حد بنديون غير منصفاڻي نموني سان ڪيون وڃن.