ٽنڊوڄام ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي يارنهن ٿي ويو

news-details

ٽنڊوڄام: (رپورٽ مستنصر علي جمالي) ٽنڊوڄام ۾ زھريلو ڪچو شراب واپرائڻ سبب فوتگين جو جو سلسلو رڪجي ناھي سگھيو، ڪچو شراب واپرائڻ سبب وڌيڪ چار ڄڻا فوت ٿي ويا آھن.
جن ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو چوڪيدار تاج محمد مگسي، کيسانه موري ويجھو ماڇي ھوٽل جا رھواسي جمعون ڪولھي، چندو ڪولھي ۽ امرشي ڪولھي شامل آھن.
اھڙي طرح ٻن ڏينھن اندر ڪچو شراب پيئڻ سبب فوت ٿيلن جو تعداد 11 ٿي ويو آھي.
جڏھن ته زھريلو شراب واپرائيندڙ چار ڄڻا آچر مگسي، رامون ڪولھي ۽ سندس ٻه پٽ منجي ڪولھي، کينجو ڪولھي اکين جو نور وڃائي ويٺا آھن. ٻن ڏينھن اندر 11 قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ باوجود ٽنڊوڄام پوليس اڃا تائين فوتگين جي ڪارڻ کي فطري قرار ڏئي معاملي کي دٻائڻ جو ڪوشش ڪري رھي آھي.
جڏھن ته فوتين جا وارث موت جو ڪارڻ زھريلو ڪچو شراب قرار ڏيندي، معاملي جو نوٽيس وٺي شراب وڪرو ڪندڙن خلاف ڪاروائي جي گھر ڪئي آھي.
ٻئي پاسي ڊي آئي جي حيدرآباد پير محمد شاهه ايس ايڇ او ٽنڊوڄام کي معطل ڪري ايس ايس پي جي نگراني ۾ چار رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي فوت ٿيندڙن جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ ۽ ڪچو شراب وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جون ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون آھن.