شھدادپور ۾ عمران ملڪ جي قتل ڪيس جا ٽي جوابدار گرفتار

news-details

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شھدادپور ۾ چوري ڪرڻ دوران مزاحمت تي قتل ٿيل گھرڌڻي عمران ملڪ قتل ڪيس ۾ ايس ايس پي سانگھڙ ڊاڪٽر فرخ لنجار جي طرفان ڊي ايس پي شھدادپور ايوب بروھي ۽ سي آئي اي انچارج طفيل ڀٽو جي اڳواڻي ۾ قائم ڪيل جاچ ڪميٽي پاران انڪوائري ڪري قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي.
جڏهن ته ڊي ايس پي شھدادپور ايوب بروھي ٻڌايو ته 15 ڏينهن اڳ اسلام آباد پاڙي ۾ چوري ڪرڻ دوران گهرڌڻين جي مزاحمت ڪرڻ تي چورن پاران فائرنگ ڪري گهرڌڻي عمران ملڪ کي قتل ڪري ڇڏيو ھو، جنهن بعد پوليس مختلف طريقن سان جاچ ڪري واردات جي اصل ماسٽرمائنڊ عبدالمنان عرف راجو ملڪ، راشد خاصخيلي ۽ نديم خاصخيلي کي گرفتار ڪيو ويو آھي، ھڪ جوابدار وقار خاصخيلي جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.
ٻئي طرف فريادي مقتول عمران جي ڀاءُ ڪامران ملڪ ٻڌايو ته مون ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي آهي، اسان جي گهر ۾ گهڙي ڏوهه ڪرڻ وارا ۽ منهنجي ڀاءُ عمران کي قتل ڪندڙ ٽئي ڏوھاري آهن، پوليس ساڻس ڀرپور تعاون ڪري ملوث ڏوھاري ظاهر ڪري گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو آهي.