news-details

جيڪب آباد ويجهو ڪار جو ٻن موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، چار ڄڻا زخمي

جيڪب آباد (رپروت: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد سبزي منڊي وٽ قومي شاهراهه تي ڪار ۽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 22 ورهين جو بلال کوسو، 42 ورهين شاھزمان بروھي، 28 ورهين جو گل بھار سومرو ۽ ڪار سوار لطف الله کوسو سخت زخمي ٿي پيا.
جڏهن ته علائقي واسين پاران زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي طبي امداد ڏني وئي.
جڏهن ته ھڪ زخمي گل بهار سومرو جي حالت خراب هئڻ تي سکر منتقل ڪيو ويو.