ٽنڊوباگو ڀرسان ناري پاران زهريلي دوا پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي

news-details

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ علي بهادر ۾ 17 سالن جي نوجوان ناري روشنا ڌيءَ مامون ملاح مبينا طور مائٽن پاران مرضي خلاف رشتو ڪرڻ تان ڪاوڙجي گهر ۾ پيل زهريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وارثن پاران ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.
ان ڏس ۾ ناري جي پيءُ مامون ملاح ٻڌايو ته نياڻي جو ويجهن مائٽن ۾ رشتو ڪري رهيا هئاسين، جنهن تان ناراض ٿي زهريلي دوا پي ڇڏي آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن نياڻي اسان اڳم رشتي پسند نه هئڻ جو ذڪر ڪري ها ته ڄاڻايل هنڌ تي رشتو نه ڪريان ها.