پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي کي عوام دشمن مني بجيٽ منظور ڪرڻ تي ماڻهو معاف نه ڪندا: سعيد غني

news-details

ڪراچي: (ڇنڇر 15 جنوري 2022ع) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ جو عوام وفاقي حڪومت جي نالائقي جي ڪري گيس کان ترسي رهيو آهي.
سعيد غني پنهنجي بيان ۾ چيو ته عمران نيازي نالائقن جو سردار آهي، هن ملڪ کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي پر عمران نيازي جي آمدني 5800 سيڪڙو وڌي رهي آهي.
سعيد غني چيو ته لڳي ٿو ته عليمه باجي پنهنجي سلائي مشين عمران نيازي کي ڏئي ڇڏي آهي، پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي کي عوام دشمن مني بجيٽ منظور ڪرڻ تي ماڻهو معاف نه ڪندا.
سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم وزارت جي چڪر ۾ عوام جي حقن جو سودو ڪري چڪي آهي، هن چيو ته مهانگائي ۽ ڪرپشن نيازي سرڪس جي جوڪرن کي بينقاب ڪري ڇڏيو آهي. ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ کي هر ضمني اليڪشن ۽ ڪنٽونمينٽ اليڪشن ۾ ذلت ڀريل شڪست ملي آهي.
پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جو سمورو تماشو بلدياتي الڪيشن ۾ ذلت آميز شڪست جي خوف جو سبب آهي.
پي ٽي آءِ جي ڪاري ڪرتوتن جا گواهه احمد جواد، اڪبر ايس بابر ۽ جسٽس وجيهه الدين آهن.
سعيد غني چيو ته خيبر پختونخواهه جي غيرتمند ماڻهن پي ٽي آءِ کي دفن ڪري ڇڏيو آهي. چيلن جي ٽبر جو سردار يوسي ۾ هارائي چڪو آهي.