پ پ جي خلاف تعصب وارا مظاهرا ڪرڻ سان سياسي ڄامڙن جي قد ۾ واڌ نه ٿيندي: ناصر شاهه

news-details

ڪراچي: (ڇنڇر 15 جنوري 2022ع) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر شاهه جماعت اسلامي، تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي اڳواڻن جي احتجاج دوران بيانن تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته مڪاني قانون وارو بل ته رڳو هڪ بهانو آهي، هنن جو مقصد عوام جو ڌيان اصل مسئلن تان هٽائڻ آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته پ پ جي خلاف تعصب وارا مظاهرا ڪرڻ سان سياسي ڄامڙن جي قد ۾ واڌ نه ٿيندي، ڪراچي بلاول سان گڏ بيٺل آهي، ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ جا سياسي يتيم فارغ ٿي ويندا، آدمشماري بابت وڏو وزير سي سي آءِ ۾ ڀرپور ڪيس وڙهيو ۽ ڪامياب ٿيو.
صوبائي وزير چيو ته ڪراچي جو عوام ڄاڻي ٿو ته ڪنهن به کين سُک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو، آئون ڪيترائي ڀيرا اوهان سان ملي چڪو آهيان، جيڪي به خدشا آهن ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون، عوام اڳ ئي تحريڪ انصاف جي مهانگائي سبب پريشان آهي، وڌيڪ کين روڊن تي نه گهليو، ماضي ۾ جماعت اسلامي ايم ڪيو ايم تي ڪارڪنن کي قتل ڪرڻ جا الزام هڻي رهي هئي ۽ هاڻ قاتل ۽ مقتول گڏ ٿي ويا آهن.
سندس چوڻ هو ته جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي تحريڪ انصاف حڪومت جي بي ٽيم بڻجي ڪم ڪري رهيون آهن، سنڌ جو عوام هنن جي پوزيشن واضح ٻڌڻ چاهي ٿو، ايم ڪيو ايم لساني سياست، دهشتگردي ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، جماعت اسلامي، تحريڪ انصاف ۽ جي ڊي اي وارا واضح ڪن ته هو سنڌ جي عوام سان گڏ آهن يا وري ايم ڪيو جي بي ٽيم آهن.