news-details
ڪراچي

عوام جي صبر جو وڌيڪ امتحان نه ورتو وڃي: بلاول ڀٽو

ڪراچي: (آچر 16 جنوري 2022ع) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پيٽروليم شيون مهانگيون ڪرڻ کي عوام جو معاشي قتل قرار ڏئي ڇڏيو آھي.
پ پ چيئرمين بلاول چيو آهي ته عمران خان ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي، پاڪستان جا فيصلا پرڏيهه ۾ ٿي رهيا آهن.
گيس ۽ بجلي کانپوءِ پيٽرول مهانگو ڪري عوام جي کيسي تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، عوام جي صبر جو وڌيڪ امتحان نه ورتو وڃي.
پ پ جو لانگ مارچ به اِن مهانگائي ۽ معاشي بحران خلاف آهي، مهانگائي ۽ بي روزگاري جي خاتمي لاءِ عمران خان جي حڪومت مان ڇوٽڪارو ضروري آهي.