news-details
لاھور

وزيراعظم عمران خان تي الله جو هٿ آهي: اعجاز شاهه

لاهور: (آچر 16 جنوري 2022ع) منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير برگيڊيئر (ر) اعجاز شاهه چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان تي الله جو هٿ آهي.
نارڪوٽڪس واري وفاقي وزير اعجاز شاهه ضلعي ننڪانه جي ڪائونسل هال ۾ مسيحي برادري جي مستحق ماڻهن ۾ امدادي چيڪ ورهايا.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 1970ع جي چونڊن کان علاوه مخالفن هر اليڪشن کي غلط قرار ڏنو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ اعجاز شاهه چيو ته عمران خان تي الله جو هٿ آهي جڏهن ته بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ پاڻ چيو آهي ته سندن ليڊر عمران خان آهي ۽ هو ساڻن گڏ آهي.
ملڪ ۾ گيس جي کوٽ بابت ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته گيس جي قيمت ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي پر ان باوجود ايڪسپورٽرن کي گئس فراهم ڪئي پئي وڃي.