اپريل کانپوءِ صورتحال بهتر ٿي ويندي: شيخ رشيد

news-details

راولپنڊي: (آچر 16 جنوري 2022ع) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مخالف ڌر انڌي مڇيءَ وانگر اندروني تبديلي جا خواب ڏسي رهي آهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ بابت پڇڻ تي شيخ رشيد چيو ته فنانس بل تي سندس 12 ميمبر گهٽ ڪيا ويا، بي اعتمادي رٿ آئي ته اپوزيشن جا 26 ووٽ گهٽجي ويندا، ڊيل جون ڳالهيون ڪيون ويون ته هاڻي ڍَر به ناهي رهي.
صحافين سان ڳالھائيندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته اپريل کانپوءِ صورتحال بهتر ٿي ويندي، خزاني تي بار هجڻ سبب آءِ ايم ايف جون سختيون وڌي رهيون آهن، چارئي شريف سياست مان مائنس آهن، شهباز شريف وزيراعظم لاءِ ڊيڄاريندڙ نه، پر سهڻو خواب آهي.
ھن چيو ته اٽي، کنڊ ۽ گيهه مافيا جي نصيب ۾ پئسو نه آهي، پي ڊي ايم وارا 2 بدران 3 مارچ تي مارچ ڪن، حڪومت کي ڪجهه نه ٿيندو، 23 مارچ تي اپوزيشن جي هنيانءُ تي مُڱ ڏرينداسين، نواز شريف تي تنقيد ڪندي شيخ رشيد چيو ته بيماري جا ڊراما ڪرڻ سان ماڻهو واقعي بيمار ٿي پوندو آهي، بزدلن جو ٽولو پئسي لاءِ سياست ڪري ٿو، نواز شريف واپس اچي ۽ مقابلو ڪري.