news-details
ڪراچي

ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح چاليهه سيڪڙو جي ويجهو پهچي وئي

ڪراچي: (آچر 16 جنوري 2022ع) ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي.
حڪومتي اپيلن باوجود پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ بازارن سوڌو عوامي جاين تي ماسڪ جو اصول نظرانداز ڪيو پيو وڃي.
اختيارين موجب ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 6 هزار 124 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 2 هزار 412 ڪيس مثبت آيا.
اختيارين جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 39.39 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن به شارع قائد ۾ ڪورونا مثبت ڪيسن جي شرح 35 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي.