لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي پاران مختلف شعبن ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتا ويا

news-details

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي وئي.
لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي مک ڪئمپس ۾ فزيوٿراپي، فارميسي، نرسنگ، بايو ٽيڪنالاجي ۽ ماليڪيولر بائلاجي شعبن جي 495 سيٽن تي داخلا لاءِ 3 هزار 209 اميدوارن انٽري ٽيسٽ ۾ حصو ورتو.
پري انٽري ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن ۾ اڪثريت عورتن جي هئي.
ٽيسٽ دوران لمس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ، رجسٽرار حاجي محمد شيخ، ڊاڪٽر سروپ ڀاٽيا، اي ڊي ملاح ۽ ڊاڪٽر سڄڻ هاليپوٽو سوڌو مختلف شعبن جي سربراهن ٽيسٽ سينٽر جو دورو ڪيو ۽ انتظامن جو جائزو ورتو.
ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ جو چوڻ هو ته نئين تعليمي سال ۾ داخلا لاءِ 3366 اميدوارن فارم جمع ڪرايا هئا، درخواستگذارن مان 3209 اميدوارن کي پري انٽري ٽيسٽ لاءِ اهل قرار ڏنو ويو آهي.
هن چيو ته لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ داخلا اهليت جي بنياد تي ٿيندي، اسان کي خوشي ٿي رهي آهي جو والدين لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي تي ڀروسو ڪندي پنهنجي ٻارن کي هن يونيورسٽي ۾ داخلا ڏيارڻ لاءِ انٽري ٽيسٽ ۾ کين اماڻيو، اسان جي ڪوشش آهي ته اهل اميدوارن کي اداري ۾ داخلا ڏياري وڃي.
انٽري ٽيسٽ جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.