پاڪستان ۾ ڪورونا جا ڪيس تيزي سان وڌڻ لڳا، ڪراچي پهرين نمبر تي اچي ويو

news-details

ڪراچي:(سومر 17 جنوري 2022ع) پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي سڀني کان وڌيڪ شرح ڪراچي ۾ رهي.
سرڪاري انگن اکرن موجب ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسز مثبت اچڻ جي شرح 30.83 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. لاهور ۾ ڪورونا مثبت ڪيسز جي شرح 13.05 سيڪڙو، اسلام اباد ۾ 10.75 سيڪڙو ۽ حيدرآباد ۾ ڪورونا ڪيسز مثبت اچڻ جي شرح 10.68 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ان کان علاوه راولپنڊي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 8.84 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 7.49 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته فيصل آباد ۾ ڪورونا ڪيسز جي مثبت اچڻ جي شرح 5.46 سيڪڙو رهي.
گذريل 24 ڪلاڪن دوران ميرپور، آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا ڪيسز مثبت اچڻ جي شرح 5.95 سيڪڙو ۽ مظفر آباد ۾ 4.55 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.