news-details
اسلام آباد

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو نئون سلسلو شروع

اسلام آباد: (اربع 19 جنوري 2022ع) اسلام آباد سميت بلوچستان، خيبرپختونخواهه، مٿانهين پنجاب، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو آهي.
جاڙن شهرن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ اڄ صبح کان وقفي وقفي سان هلڪي برسات جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. بلوچستان، خيبرپختونخواهه، مٿانهين پنجاب، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ به مختلف هنڌن تي برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو سلسلو جاري آهي.
برسات ۽ برفباري سبب ٿڌ جي شدت ۾ واڌ ٿي وئي آهي. موسميات کاتي موجب اڄ اربع تي اتر مغربي بلوچستان، خيبرپختونخواهه، اسلام آباد، مٿانهين پنجاب، گلگت بلتستان، ڪشمير ۾ برسات/برفباري جو امڪان آهي جڏهن ته پنجاب جي ميداني علائقن ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙو ڇانيل رهندو.