news-details
اسلام آباد

ڪورونا جي پنجين لهر؛ ڪراچي ۾ مثبت ڪيسز جي شرح خطرناڪ حد تائين وڌي وئي

اسلام آباد: (اربع 19 جنوري 2022ع) ملڪ ۾ ڪورونا جي پنجين لهر تيزي سان پکڙجي رهي آهي، ڪراچي شهر ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 40.13 سيڪڙو ٿي چڪي آهي.
سنڌ جي صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ گذريل گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3283 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن جن مان 2902 ڪيسز جو تعلق ڪراچي سان آهي. سنڌ جي صحت کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ 6 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا. 297 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي جڏهن ته 23 مريض وينٽي ليٽر تي علاج هيٺ آهن.
ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 8 مريض حياتيون وڃائي ويٺا. جڏهن ته مثبت ڪيسز جي شرح 9.48 سيڪڙو تائين پهچي وئي. ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن ڪورونا جا 7 هزار 232 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 2 هزار 902 ڪيسز سامهون آيا.
ڪراچي سميت ملڪ جي 7 شهرن ۾ ڪورونا جي ڪيسز جي مثبت شرح 10 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي. حيدرآباد ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 14 سيڪڙو تائين پهچي وئي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ مثبت ڪيسز جي شرح 12 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 10.26 سيڪڙو ٿي وئي.