news-details
اسلام آباد

اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي فنڊنگ واري ڪيس جي ٻڌڻي پندرنهن فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (اربع 19 جنوري 2022ع) اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي فنڊنگ واري ڪيس جي ٻڌڻي 15 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن جي 2 رڪني بينچ سياسي پارٽين جي فنڊنگ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ڏيندڙ تحريڪ انصاف جو وڪيل هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ سبب اليڪشن ڪميشن ۾ پيش نه ٿي سگهيو. درخواست ڏيندڙ استدعا ڪئي ته وڪيل هاءِ ڪورٽ ۾ آهي. ڪجهه وقت ڏنو وڃي. جنهن تي اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 15 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ سياسي پارٽين جي سياسي فنڊنگ جا تفصيل گهريا ويا. ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون چاهين ٿيون ته انهن جي اڪائونٽن جي جانچ پڙتال نه ٿئي. سمورين سياسي پارٽين جي پرڏيهي فنڊنگ جي جانچ پڙتال ڪئي وڃي.
هن چيو ته تحريڪ انصاف جي اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ سامهون اچي چڪي آهي جنهن ۾ ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ جون ڪي به شاهديون ناهن مليون. مريم نواز، بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وڏيون ڳالهيون ڪندا آهن هاڻ هو اليڪشن ڪميشن ۾ پنهنجي فنڊنگ جو جواب ڏين.