news-details
اسلام آباد

اين سي او سي اسڪولن ۾ حاضري پنجاهه سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: (اربع 19 جنوري 2022ع) اين سي او سي ڪورونا جي 10 سيڪڙو کان کان وڌيڪ شرح وارن شهرن ۾ تعليمي سرگرميون محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
رپورٽ موجب وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سموري ملڪ ۾ ڪورونا جي موجوده صورتحال ۽ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ احتياطي تدبيرن تي 31 جنوري تائين عمل جاري رکڻ ۽ شادي هالز جي حوالي سان احتياطي تدبيرن تي 15 فيبروري تائين برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته اين سي او سي 27 جنوري تي ٻيهر اجلاس ۾ صورتحال جو جائزو وٺندي. اين سي او سي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اين سي او سي طرفان 10 سيڪڙو کان وڌيڪ شرح وارن شهرن ۾ پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن.
ڪورونا جي 10 سيڪڙو کان وڌيڪ شرح وارن شهرن ۾ پابنديون لڳايون ويون آهن. ڪورونا جي 10 سيڪڙو کان وڌيڪ شرح وارن سمورن شهرن ۾ هر قسم جي اجتماعن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ان شهرن ۾ ان ڊور اجتماعن ۾ 300 ماڻهن جي گنجائش جي اجازت هوندي ۽ 300 ماڻهو آئوٽ ڊور اجتماع ڪري سگهندا. 10 سيڪڙو کان وڌيڪ وارن شهرن ۾ انڊور شادي تقريبن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
اين سي او سي موجب ڪورونا جي 10 سيڪڙو کان وڌيڪ شرح وارن شهرن ۾ تعليمي سرگرميون به محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. 12 سالن کان ننڍي عمر جا شاگرد 3 ڏينهن اسڪول ايندا ۽ 12 سالن کان وڌيڪ عمر جي شاگردن جي مڪمل حاضري ٿيندي پر 12 سالن کان وڌيڪ عمر جي شاگردن لاءِ ويڪسينيشن لازمي قرار ڏني وئي آهي.
اين سي او سي جي بيان موجب انڊور جمز کي 50 سيڪڙو ماڻهن جي گنجائش سان گڏ ڪم ڪرڻ جي اجازت هوندي. سئنيما، مزارون ۽ پارڪس ۾ به 50 سيڪڙو ماڻهن جي شرط لاڳو ڪئي وئي آهي. 10 سيڪڙو کان وڌيڪ شرح وارن سمورن شهرن ۾ ڪنٽيڪٽ اسپورٽس تي به پابندي هوندي،
پبلڪ ٽرانسپورٽ کي به 70 سيڪڙو گنجائش سان ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اين سي او سي طرفان ڪاروباري وقت ۽ آفيسن جي وقتن ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي ناهي ڪئي وئي.