news-details
اسلام آباد

ناڻي وارو وزير شوڪت ترين ڪورونا ۾ مبتلا، اي سي سي اجلاس ملتوي

اسلام آباد: (اربع 19 جنوري 2022ع) ناڻي وارو وزير شوڪت ترين به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي. سندس ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيو آهي جنهن کان پوءِ هن پاڻ کي قرنطينه ڪري ورتو آهي.
سرڪاري ذريعن موجب ناڻي واري وزير شوڪت ترين جو ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ سبب اي سي سي جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير کي اڄ چئن اهم اجلاسن جي صدارت ڪرڻي هئي پر هاڻ اهي اجلاس به ملتوي ڪيا ويا آهن. جڏهن ته شوڪت ترين پاڻ کي گهر ۾ قرنطينه ڪري ورتو آهي ۽ هو اڄ آفيس به نه ايندو.
واضح رهي ته قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ ۽ مسلم ليگ(ن) جو صدر شهباز شريف به اڄ ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي.