news-details
اسلام آباد

حوثي باغين جا حملا علاقائي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهن: وزيراعظم

اسلام آباد: (اربع 19 جنوري 2022ع) وزيراعظم عمران خان ۽ ابو ظهبي جي شهزادي محمد بن زايد وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو جنهن ۾ پاڪستاني وزيراعظم طرفان ابو ظهبي ۾ حوثي باغين جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.
وزيراعظم عمران خان حملي ۾ مارجي ويلن جي گهر ڀاتين سان تعزيت ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم يو اي اي جي قيادت حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار به ڪيو.
ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته اهڙي طرح جي حملن کي جائز قرار نٿو ڏئي سگهجي. ان حملن کي فوري طور تي بند ڪرڻ تي زور ڏئي سگهجي ٿو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اهي حملا علاقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ خطرو آهن.
ابو ظهبي جي ولي عهد محمد بن زيد النهيان حمايت ڪئي ۽ عمران خان جو ٿورو ادا ڪيو. هن ڏکوئيندڙ واقعي ۾ پاڪستاني شهري جي مارجي وڃڻ تي به ڏک ۽ تعزيت جو اظهار به ڪيو.