شاهد آفريدي جو فلاحي سرگرمين لاءِ افغانستان وڃن جو اعلان ڪري ڇڏيو

news-details

ڪراچي: (اربع 19 جنوري 2022ع) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي اسٽار آل رائونڊر ۽ ڪپتان شاهد خان آفريدي فلاحي ڪمن لاءِ افغانستان وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
اڳوڻي قومي رانديگر جو چوڻ هو ته فلاحي مقصدن لاءِ سڄي دنيا ۾ ڪم ڪندڙ ”شاهد خان آفريدي فائونڊيشن“ افغانستان ۾ به خدمتون انجام ڏيڻ چاهي ٿي، ان حوالي سان افغان حڪومت طرفان رابطي تي فائونڊيشن مثبت جواب ڏنو آهي.
سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن موجب شاهد آفريدي جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو افغانستان وڃڻ لاءِ دستاويزن جي انتظار ۾ آهي جنهن لاءِ پاڪستان ۾ افغان سفارتخاني سان رابطي ۾ آهيون.
ٻي پاسي ٽوئيٽر تي شاهد خان آفريدي شاهد آفريدي فائونڊيشن جي ٽوئيٽ کي ري شيئر ڪندي هڪ ٽوئيٽ ڪيو.
شاهد آفريدي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته مصيبت جي وقت ڪمزور جي ڪم اچڻ گھڻو ضروري آهي.