ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ: سنڌ حڪومت اسڪولن لاءِ نوان حڪم جاري ڪري ڇڏيا

news-details

ڪراچي: (خميس 20 جنوري 2022ع) نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر(اين سي او سي) جي فيصلي جي روشني ۾ سنڌ جي تعليم کاتي صوبي جي نجي ۽ سرڪاري اسڪولن لاءِ نوان حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.
سنڌ جي تعليم کاتي موجب 12 سالن کان ننڍي عمر جا شاگرد 50 سيڪڙو حاضري سان اسڪول ايندا. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته 12 سالن کان وڌيڪ عمر جي شاگردن جي مڪمل حاضري ٿيندي پر 12 سالن جي عمر جي شاگردن کي ويڪسين لازمي لڳرائڻي پوندي.
تعليم کاتي تعليمي ادارن کي ايس او پيز جو خاص خيال رکڻ جون هدايتون به جاري ڪيون آهن. واضح رهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي پنجين لهر تيزي سان وڌي رهي آهي جنهن سبب سنڌ جي ٻن وڏن شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح به انتهائي وڌيڪ آهي. صرف گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ مثبت ڪيسز جي شرح 41 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.