زال مڙس جون آڱريون ٽوڙي ڇڏيون، جڏهن هن ٻيهر شادي ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو

news-details

دبئي: (خميس 20 جنوري 2022ع) دبئي جي عدالت هڪ ايشيائي جوڙي کي هڪ ٻئي کي مارڻ جي ڏوهه ۾ 6 مهينا قيد جي سزا کانپوءِ ملڪ بدر ڪرڻ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب جوڙي ۾ ان وقت جهيڙو ٿي پيو، جڏهن مڙس پنهنجي 25 سالن جي زال جي سامهون ٻيهر شادي ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو. پهريان ٻنهي ۾ ڊگھي بحث ٿي ۽ پوءِ عورت پنهنجي مڙس کي موڇڙا ھڻڻ لڳي.
رپورٽ موجب عورت پنهنجي مڙس تي ايترو ته تشدد ڪيو جو سندس آڱريون ڀڃي ڇڏيون، بعد ۾ مڙس به رد عمل ظاهر ڪندي زال کي ڳل تي چماٽ ھڻي ڪڍي.
چماٽ لڳڻ سبب عورت جي ڪنن جو پردو 2 سيڪڙو متاثر ٿيو، جڏهن ٻنهي جو ڪيس عدالت ۾ پهتو ته 24 ورهين جي مڙس بيان ڏنو ته موچڙا ھڻڻ جي شروعات پھريان زال ڪئي.
ان کان علاوه ميڊيڪل رپورٽن موجب عورت جي پيشاني، نڪ، ڳچيءَ ۽ سيني تي زخمن جا ڪيترائي نشان ڏسڻ ۾ آيا، ان کان علاوه سندس ڪن جو پردو به متاثر ٿيو.