ڪراچي ۾ تيز هوائون لڳڻ سبب مختلف حادثن ۾ چار ڄڻا فوت

news-details

ڪراچي: (جمعو 21 جنوري 2022ع) ڪراچي ۾ تيز هوائن تباهي مچائي ڇڏي آهي. ڀتون ڪرڻ سميت مختلف حادثن ۾ چار ڄڻا فوت جڏهن ته 6 زخمي ٿي پيا. نارٿ ناظم آباد ۾ ڀت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو جڏهن ته گلباني ۽ گلشن معمار ۾ به ڀتون ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ٻئي طرف بلديه اسپارڪو روڊ ويجهو گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏهن ته ناردرن باءِ پاس تي تيز هوا سبب موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
اورنگي ٽائون سيڪٽر 12 ۾ بجلي جو پول ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو جڏهن ته اورنگي راجه تنويز ڪالوني ۾ ڀت ڪرڻ سبب ٻارڙو زخمي ٿي پيو آهي.تيز هوا سبب ناردرن باءِ پاس ويجهو پاور هائوس ڪانٽا موڙ وٽ موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندن سڃاڻپ صادق ۽ اجمل جي نالي سان ٿي آهي.
بلديه ٽائون اسپارڪو روڊ تي گهر جي ڇت جو هڪ حصو ڪري پيو جنهن سبب گهر ۾ موجود 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڪراچي ۾ تيز هوائون لڳڻ سبب جماعت اسلامي پاران ڌرڻي لاءِ لڳايل ٽينٽ، قناتون، بينرز، لائٽون به ڪري پيون. نارٿ ڪراچي ۾ تعمير هيٺ ڀت ڪري پئي جنهن مان ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو.
موسميات کاتي چيو آهي ته تيز هوائون هلڻ جو سلسلو اڄ رات تائين جاري رهي سگهي ٿو. هوائن جي رفتار 45 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ تائين رڪارڊ ٿي رهي آهي پر ڪجهه وقت جي لاءِ هوائن جي رفتار 60 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ به رڪارڊ ڪئي وئي.