news-details

آصف علي زرداري جو پيٽ ناهي پر کوهه آهي، جيڪو ڪڏهن ناهي ڀرڻو: علي زيدي

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) آصف علي زرداري جو پيٽ ناهي ڀربو اھڙو کوهه آهي، جيڪو ڪڏهن ناهي ڀرڻو، وڏو وزير سنڌ مراد علي شاهه آصف زرداري جو منشي آهي. پيپلزپارٽي 14 سال حڪومت ڪئي، عوام کي ڇا مليو.
اھڙي خيالن جو اظهار وفاقي وزير علي زيدي جيڪب آباد ۾ جکراڻي ھائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.
ھن چيو ته سنڌ حڪومت 20 ارب کان مٿي جو ڪڻڪ کائي وئي آهي، نيب 14 ارب روپيا رڪيور ڪرايا آهن، ڪڻڪ، يوريا ۽ کنڊ چوري ڪندڙ زرداري جي ٽيم جا آهن، سنڌ حڪومت سرڪار جا پئسا کائي اينٽي اسٽيٽ ڪم ڪندي آهي. ڪڻڪ جي سنڌ ۽ پنجاب پيداواري ڪندا آهن، پنجاب ۾ سستي ۽ سنڌ ۾ مھانگائي ڇو آهي.
ھن چيو ته وڏو وزير مراد علي شاهه آصف زرداري جو منشي بڻيل آهي، پيپلزپارٽي 14 سال حڪومت ڪئي عوام کي ڪجهه ناهي مليو، 18 هين ترميم کانپوءِ سنڌ کي 12 هزار ارب روپيا مليا آهن، 10 سالن ۾ اهي عوام تائين نه پهتا صرف سي ايم هائوس تائين محدود آهن.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي مڪاني ادارن جي قانون خلاف اپوزيشن سراپا احتجاج بڻيل آهي، ان ڪاري قانون خلاف تحريڪ ھلايو ويندو. سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو ويندو.
ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ميان نواز شريف موبائيل جي گرين لائيٽ کي گرين سگنل سمجهي ويٺو آهي، جيڪو بار بار اھو لائيٽ ھلائي دل کي خوش ڪري رهيو آهي.
وفاقي وزير جي پريس ڪانفرنس جي موقعي تي امير بخش ڀٽو، سردار عبدالرزاق کوسو، راجه خان جکراڻي، ميڊم مليحه سومرو، مير اصغر خان پنهور، مبين علي جتوئي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.