news-details
اسلام آباد

نواز شريف کي ٻاهر موڪلڻ جو فيصلو سئو سيڪڙو عمران خان جو هو: اسد عمر

اسلام آباد: (ڇنڇر 22 جنوري 2022ع) منصوبا بندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي پرڏيهه اماڻڻ جو فيصلو سئو سيڪڙو عمران خان جو هو.
هڪ بيان ۾ اسد عمر چيو ته جنهن گڏجاڻي ۾ نواز شريف کي ٻاهر اماڻڻ جو فيصلو ٿيو، جنهن وقت ان بابت ڳالهه ٻولهه ٿي ته مون سميت 6 کان 8 ماڻهو موجود هئا، نواز شريف کي پرڏيهه اماڻڻ جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
هن چيو ته نواز شريف کي پرڏيهه اماڻڻ جو فيصلو 100 سيڪڙو عمران جو هو ۽ عمران خان ناهي چيو ته فيصلو سندس ناهي.
وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف جي سينيئر ليڊر شپ ڪمري ۾ موجود هئي، نواز شريف کي پرڏيهه اماڻڻ جي فيصلي ۾ سڀني جي راءِ مختلف هئي.