news-details
ملتان

هي سال معاشي ريڪوري ۽ ايندڙ خوشحالي جو آهي: شاهه محمود قريشي

ملتان: (ڇنڇر 22 جنوري 2022ع) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان کي مهانگائي بابت ڄاڻ آهي، ان کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، مڃون ٿا ته حالتون مشڪل آهن، ان کان ڪو به انڪار ناهي.
ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته چين ۽ سعودي عرب جي مدد باوجود اسان کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو، معيشت ريڪوري طرف وڃي رهي آهي.
هن چيو ته هر هڪ جي آمدني (ن) ليگ جي آخري سال ۾ 547ڊالر هئي ۽ هاڻ هر هڪ آمدني 1666 ڊالر آهي، مشڪل حالتن ۾ به اسان پر اميد آهيون، هي سال معاشي ريڪوري ۽ ايندڙ سال خوشحالي جو آهي.
سندس چوڻ هو ته دهشتگردن سان مقابلو ڪيو آهي ۽ ڪنداسين، پاڪستان جا دشمن ملڪ ۾ ڏڦيڙ چاهين ٿا پر انهن جا ارادا ناڪام ٿيندا، اسان دهشتگردن کي ڪنڌ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين.
شاهه محمود قريشي چيو ته صدارتي نظام بابت رڳو واويلا آهي، ٻيو ڪجهه ناهي، اهڙا افواهه اٿندا رهندا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا جي شرح ٻيهر وڌي رهي آهي، اسان سڀ ذميوار آهيون، سڀني ماسڪ ناهي پاتو، وزير اعظم چئي چڪو آهي اسان لاڪ ڊائون نه لڳائينداسين، 2023 ۾ سرپرائز ڏينداسين.