news-details
اسلام آباد

شريف فيملي حلفي بيان نواز شريف جي هدايتن تي تيار ٿيڻ جي ترديد ناهي ڪئي: فواد چوڌري

اسلام آباد: (ڇنڇر 22 جنوري 2022ع) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته راڻا شميم ڪيس ۾ شريف فيملي حلفي بيان نواز شريف جي هدايتن تي تيار ٿيڻ جي ترديد ناهي ڪئي.
ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته راڻا شميم ڪيس ۾ شريف فيملي پاران حلفي بيان نواز شريف جي آفيس ۾ ان جي هدايتن تي تيار ٿيڻ جي انڪشافن جي ترديد ناهي ڪئي وئي.
هن چيو ته راڻا شميم ۽ سوليسٽر نواز شريف جي آفيس ۾ حلفي بيان رڪارڊ ڪرايو، سمورا واقعا ظاهر ڪن ٿا ته اهو ڊرامو عدالت تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ ڪيو ويو.