news-details
اسلام آباد

سپريم ڪورٽ ۾ ايف بي آر جي اپيل رد، وقت ضايع ڪرڻ تي ڏنڊ به لاڳو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (ڇنڇر 22 جنوري 2022ع) سپريم ڪورٽ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي غير ضروري قانوني ڪارروائي کي وقت ضايع ڪرڻ قرار ڏيندي ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خانگي ڪمپني خلاف ايف بي آر جي اپيل تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو ۽ غير ضروري اپيل داخل ڪرڻ تي ايف بي آر تي 20 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته ايف بي آر جي غير ضروري ڪيسن سان عدالتن جو وقت ضايع ٿئي ٿو، ايف بي آر ٽيڪس واهپيدارن سان قانون موجب شفاف انداز ۾ معاملا هلائي.
عدالت فيصلي ۾ چيو ته ٽيڪس ادا ڪندڙن کي جيڪو قانوني حق ملي ٿو اهو روڪي نٿو سگهجي، غير ضروري ڪيسن سان ايف بي آر جا وسيلا ضايع نه ٿيڻ گهرجن.