ٽنڊي الهيار واقعي کي ايم ڪيو ايم لساني رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي: سعيد غني

news-details

ڪراچي: (ڇنڇر 22 جنوري 2022ع) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته لاڪ ڊائون بابت ڪو به فيصلو ناهي ٿيو، جهڙي ريت اڳ اسپتالن تي دٻاءُ هو، اهڙو ناهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته اين سي او سي جو فيصلو سمورن صوبن کي مڃڻو پوندو، ڪورونا ڪيسز جي شرح ۾ تمام گهڻي واڌ ٿي آهي، ماڻهن کي ويڪسين لڳائي آهي ۽ سنڌ حڪومت اسپتالن کي اپڊيٽ ڪيو، اسپتالن تي اڳ جهڙو دٻاءُ ناهي.
هن چيو ته ڪراچي ۾ به هاري ۽ آبادگار حڪومت خلاف احتجاج ڪندا، هاري مارچ جو روٽ پهرين ٻيو هو پر اسان تبديل ڪيو، پوري دنيا ۾ مهانگائي ۾ پاڪستان 3 نمبر تي آهي، مهانگائي هن حڪومت جي نااهلي ۽ ڪرپشن جي ڪري آهي، عام ماڻهو جي استعمال جي هر شئي مهانگي ٿي رهي آهي.
سندس موجب وفاقي سرڪار جا 3 سئو ترجمان چون ٿا ته مهانگائي ناهي، ماڻهن کان پڇو اهي چوندا ته مڪاني قانون نه پر مهانگائي جو خاتمو گهرجي، هڪ ماڻهو ڏيکاريو جيڪو چوي ته ملڪ ۾ مهانگائي ناهي، تحريڪ انصاف وارا اسيمبلي ۾ مذاق ڪندا آهن.
سعيد غني وڌيڪ چيو ته ماڻهو خوشي سان پ پ ۾ اچي رهيا آهن، اسان جبري طور ڪنهن کي نٿا آڻيون، ايم ڪيو ايم لساني جهيڙا چاهي ٿي، ٽنڊي الهيار ۾ قتل جي واقعي کي ايم ڪيو ايم لساني رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن چيو ته پرامن احتجاج ۽ جلسا ڪرڻ کان اسان ڪنهن کي به نٿا روڪيون، احتجاج ۽ جلسا ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي هنڌ آهن، جماعت اسلامي احتجاج ڪري رهي آهي، اسان ڪجهه نه چيو، يونيورسٽي روڊ جهڙو رستو بند ڪرڻ جو ڪنهن کي به حق ناهي.