سنڌ پوليس پ پ جي ملٽري ونگ آهي: خالد مقبول

news-details

ڪراچي: (ڇنڇر 22 جنوري 2022ع) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته پ پ سنڌ پوليس سان گڏجي لساني جهيڙن جو منصوبو ٺاهي چڪي آهي.
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪز بهادر آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته اسان پاڪستان جي سڀني ادارن کي ٻڌائيندا رهيا آهيون ته پ پ پاڪستان کي ٻه ٽڪرا ڪرڻ جي ايجنڊا تي هلي رهي آهي.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم ڪارڪن کي عدالتي ڪمري ۾ قتل ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ اسان جي مائرن ۽ ڀينرن تي لٺبازي ڪئي وئي، پ پ جي ماڻهن ڀڃ ڊاهه ڪري ايف آءِ آر اسان تي داخل ڪرائي.
سندس چوڻ هو ته پ پ سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ پوليس ان جي ملٽري ونگ آهي، پ پ پوليس سان گڏجي لساني جهيڙن جو منصوبو ٺاهي چڪي آهي ۽ سنڌ پوليس جا ماڻهو آپريشن جي آڙ ۾ مهاجرن کي بنا جواز تنگ ڪندا آهن پر هاڻ سنڌ جي شهري علائقن کي لٽڻ جي اجازت نه ڏينداسين.