افغانستان جي تعليم واري وزارت مارچ کان ڇوڪرين لاءِ هاءِ اسڪول کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

news-details

ڪابل: (سومر 24 جنوري 2022ع) افغانستان ۾ مارچ کان ڇوڪرين لاءِ هاءِ اسڪول ٻيهر کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ان حوالي سان افغانستان جي تعليم واري وزارت جي ترجمان عزيز احمد طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته امارت اسلامي کي ڇوڪرين جي تعليم سان ڪوبه مسئلو ناهي، ان لاءِ مارچ کان ٻيهر ڇوڪرين لاءِ اسڪول کوليا ويندا.
ترجمان چيو ته عورت استادياڻين جون پگهارون ادا ڪري ڇڏيون آهن. ڇوڪرين جي لاءِ وڌيڪ عورت استادياڻيون ڀرتي ڪنداسين. جڏهن ته عورت استادياڻيون نه هجڻ جي صورت ۾ صرف وڏي عمر وارا استاد ڇوڪرين کي تعليم ڏيندا.
واضح رهي ته افغانستان ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوء ڇهين ڪلاس تائين ڇوڪرين کي تعليم ڏني پئي وڃي.