news-details

دوداپور ڳوٺ پنهون ڀٽي جو واسي نوجوان ڪراچي ۾ نامعلوم هٿياربندن هٿان قتل

دوداپور: (سومر 24 جنوري 2022ع) دوداپور ڳوٺ پنهون ڀٽي جو رهواسي سيد امجد شاهه ڪراچي ۾ نامعلوم هٿياربندن هٿان قتل لاش ڳوٺ پهچڻ تي وارثن ۾ ڪرام مچي ويو، خبر موجب پنھون ڀٽي جو رھواسي سيد امجد شاهه ڪراچي جي هڪ نجي ڪمپني ۾ ڪيتري ئي عرصي کان روزگار ڪندو هو، گذريل ڏينهن ڪراچي جي ملير جي علائقي ۾ ڦورن پيسا ۽ موبائل فون ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي ھٿياربندن پاران گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي پوليس کڻائي جناح اسپتال داخل ڪيو جتان هو، زخمن جا تاب نه سهندي اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو.
جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي مقتول امجد شاهه جي والد سيد سڪندر شاهه ٻڌايو ته پٽ گذريل ڪجهه عرصي کان ڪراچي جي ملير واري علائقي ۾ ھڪ نجي ڪمپني تي ڪم ڪندو هو جيڪو ڪمپني کان موڪل ملڻ بعد پنهنجي ڪوارٽر ڏانهن وڃي رهيو ته ڦورن ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت تي قتل ڪيو.
ٻئي طرف مقتول جو لاش اباڻي ڳوٺ پنهون ڀٽي اچڻ بعد سندن گھر ۾ قهرام مچي ويو.