news-details

جيڪب آباد ڀرسان نوجوان ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي محمد جتوئي ۾ نوجوان علي دوست جتوئي گهر اندر ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو آهي.
اھڙي اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.
جڏهن ته اسپتال ۾ فوتي جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته برادري جي ماڻهن سان ڪارنهن تڪرار ھلندڙ ھو جنھن سبب نوجوان اھڙو قدم کنيو آهي.
ان سلسلي ۾ صدر پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته فوتي نوجوان ھفتو اڳ پنهنجي زال ڪائنات کي برداري جي نوجوان سان ڪارنهن جو تھمت مڙهي گهران ڪڍي ڇڏيو هو، جنهن بعد نوجوان پريشان ھو، فوتي دل برداشته ٿي اھڙو قدم کنيو آهي.